جويو سيف الله ڊاڪٽر

جويو، سيف الله، ڊاڪٽر: ڊاڪٽر سيف الله جويو 15 اپريل 1967ع تي پڊعيدن شهر ضلعي نوشهروفيروز ۾ دين محمد جويي جي گھر ۾ پيدا ٿيو. پرائمري تعليم پڊعيدن مان، ميٽرڪ ڪيڊٽ ڪاليج پيٽاري مان، بي. اي شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور ۽ ايم. اي. سي (بين الاقوامي تعلقات) ۾ جناح يونيورسٽي اسلام آباد مان ڪيائين. تنهن کانپوءِ پشاور يونيورسٽيءَ ۾ ’روس جي ٽٽڻ کان پوءِ ازبڪستان‘ جي عنوان هيٺ تحقيقي مقالو لکي پي. ايڇ. ڊي جي ڊگري ورتائين. 1993ع ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو ۽ هن وقت گورنمينٽ ڊگري ڪاليج نوشهري فيروز ۾ ايسوسيئيٽ پروفيسر طور ڪم ڪري رهيو آهي. هيستائين ڪيترائي تحقيقي مقالا لکي چڪو آهي.
سندس هيٺيان ڪتاب ڇپيل آهن:
(1) افغان مهاجرن جو مسئلو (زير طباعت)
(2) ازبڪستان روس جي ٽٽڻ کان پوءِ (پي. ايڇ. ڊي مقالي جو اختصار).


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1967.04.15  عيسوي

ڊاڪٽر سيف الله جويو 15 اپريل 1967ع تي پڊعيدن شهر ضلعي نوشهروفيروز ۾ دين محمد جويي جي گھر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

سمر سجوڙو
عباسي نبي بخش
سر اليگزينڊر فليمنگ
عبدالنبي خان ڪلهوڙو
ٽهل ايسرداس ڪيسواڻي
عـالـو مـل ٽـيڪـم داس
شهناز شيخ
استاد وريلداس
پرشوتم ڀڳوانداس
ثابت بن ضحاڪ
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون